فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آمريڪي ڪانگريس وفد جي ملاقات

2 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )  آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ چيف آف ڊفينس فورسز، آرمي چيف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي وفد ۾ مونٽانا رياست سان تعلق رکندڙ ڪانگريس ميمبر رائن ڪيٿ زنڪي ۽ واشنگٽن سان تعلق رکندڙ مائيڪل جيمز شامل هئا.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار، اقتصادي تعاون ۽ ترقي جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن، خانگي شعبي جي سهڪار ۽ واپاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي موقعن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي وسيع اقتصادي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي چيو ته پائيدار علائقائي استحڪام جو بنياد اقتصادي ترقي، واپار جي واڌ ۽ علائقائي رابطن ۾ آهي.

فيلڊ مارشل جاري معاشي سڌارن، ڪاروبار دوست ماحول جي قيام ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي.

آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي وفد علائقائي استحڪام ۽ اقتصادي مضبوطي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ادارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment