ڪنب ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، گاڏين جو مستري قتل

1 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) خيرپور جي علائقي ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.

 ڳوٺ رمضان مهراڻي ڀرسان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري گاڏين جي مستري کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.

اطلاعن موجب، ڪنب ڀرسان ٻٻروڏا لنڪ روڊ تي نامعلوم هٿياربندن گاڏين جي مستري فيضُل سومرو کي گوليون هڻي قتل ڪيو.

مقتول فيضل سومرو گاڏين جي مستري درمحمد سومرو جو پٽ هو، جيڪو موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ بکو خان لاشاري وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن کيس نشانو بڻايو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي ڪنب پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجي منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قتل جا سبب ۽ جوابدارن بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment