اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پيٽروليم ڊويزن پاران 29 جولاءِ کان لاڳو ٿيندڙ نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 63 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي
.نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ به هڪ رپيو 55 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 388 رپيا 38 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.حڪومت موجب نوان اگهه عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ ٻين لاڳاپيل عنصرن کي نظر ۾ رکندي مقرر ڪيا ويا آهن.


