دادو ( رپورٽ: الله بخش خشڪ ) راڌڻ جي سرڪاري گودام مان 23 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون مبينا طور خردبرد ڪرڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن پوليس ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ جوابدار سليم دل کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اينٽي ڪرپشن موجب ڪارروائي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن دادو علي نواز پنھور جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي. گرفتار جوابدار تي الزام آهي ته ميهڙ جي سرڪاري گودام مان گم ٿيل ڪڻڪ جون ٻوريون خانگي فلور مل مان نامعلوم هنڌ منتقل ڪيون ويون.
ذريعن موجب ڪيس خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سي دلشاد سومرو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ جاچ جو دائرو پڻ وڌايو ويو آهي.
اينٽي ڪرپشن موجب ڪيس ۾ مک نامزد جوابدار حسن دل ضمانت تي هجڻ سبب گرفتاري کان بچيل آهي. اينٽي ڪرپشن موجب جوابدارن تي الزام آهي ته سال 2022-23 ۽ 2023-24 دوران 23 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون مبينا طور خردبرد ڪيون ويون. جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون.


