پشاور هاءِ ڪورٽ قائداعظم نالي همراهه کي ملڪ بدر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

2 Min Read

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ ۽ امڪاني ملڪ بدري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي درخواست گذار ”قائد اعظم“ کي ملڪ بدر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

جسٽس وقار احمد ۽ جسٽس انعام الله خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواست گذار جي وڪيلن ۽ نادرا جي قانوني نمائندي پنهنجا دليل پيش ڪيا.

درخواست گذار جي وڪيل سيف الله محب ڪاڪا خيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل پاڪستان ۽ دبئي ۾ ڪاروبار ڪري ٿو ۽ هو پاڪستاني شهري آهي، جيڪو باقاعدي ڪاروبار سان گڏ حڪومت کي ٽيڪس به ادا ڪري ٿو.

وڪيل جو موقف هو ته سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سندس موڪل کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ کيس بنا سبب سزا ڏني پئي وڃي.

هن عدالت کي ٻڌايو ته نادرا طرفان هاڻي درخواست گذار کي پنهنجي چاچي کي پيش ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي، جڏهن ته خاندان جي ٻين ماڻهن وٽ اڳ ئي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ موجود آهن.

ٻئي پاسي نادرا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل شاهد عمران گيگياني عدالت کي ٻڌايو ته اداري طرفان معاملي تي لکت وارو جواب جمع ڪرايو ويو آهي.

نادرا جي نمائندي موجب درخواست گذار جو سڃاڻپ ڪارڊ شڪي قرار ڏنو ويو هو، جنهن بنياد تي ان کي بلاڪ ڪيو ويو.

عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ نادرا کي هدايت ڪئي ته درخواست گذار جي ڪيس جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي ۽ کيس نادرا جي تصديقي بورڊ آڏو پيش ڪيو وڃي.

عدالت حڪم ڏنو ته بورڊ جي فيصلي تائين درخواست گذار خلاف ڪنهن به قسم جي ملڪ بدري يا زبردستي ڪارروائي نه ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment