تلهار ويجهو ٽن گهرن کي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي

1 Min Read

تلهار: (ويب ڊيسڪ) تلهار ويجهو ڳوٺ مٺو خان گوپانگ ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳل باهه ۾ پورهيتن جا 3 گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته گهرن ۾ پيل سمورو سامان ۽ نياڻين جو ڏاج پڻ باهه جي ور چڙهي ويو.

اطلاعن موجب باهه پورهيت اسلم گوپانگ ۽ ربنواز گوپانگ سميت ٽن گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو، جنهن سبب گهرن ۾ موجود سمورو گهريلو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو.

باهه لڳڻ کانپوءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو، جڏهن ته متاثر خاندانن کي ڪابه سرڪاري مدد نه ملي سگهي.

متاثر خاندان بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ۽ هنن حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان فوري مالي امداد ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment