ٽنڊوالهيار: (خميسو دائوداڻي) ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ خودڪشي جا واقعا وڌڻ لڳا آهن، جتي هلندڙ هفتي دوران 3 ڄڻن جي خودڪشي جا واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته هلندڙ سال جي 7 مهينن دوران 16 خودڪشين جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.
چمبڙ ويجهو ڳوٺ غلام حسين لنڊ ۾ چار ٻارڙن جي ماءُ مبينا طور ڪکاوين جهوپڙي جي ڪاٺي سان رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
وارثن موجب 15 ڏينهن اڳ سندس چئن سالن جي نياڻي فوت ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ عورت ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي هئي. واقعي وقت سندس مڙس گهر کان ٻاهر ويل هو، واپس اچڻ تي گهر ۾ ٻه معصوم پٽ ۽ گهرواري کي ڇڏي وڃڻ جو واقعو سامهون آيو.
ٻئي واقعي ۾ پيارولنڊ ٿاڻي جي حد درگاهه راهو مشائخ وٽ نم جي وڻ مان هڪ شخص جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ راهو مشائخ واسي 45 ورهين جي ڪيسريو ڀيل طور ٿي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان دشمني ناهي ۽ کين خبر ناهي ته هن اهڙو قدم ڇو کنيو. هنن پوليس کان واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
ٽئين واقعي ۾ ٽنڊو آدم روڊ تي مهراڻ شگر مل ڀرسان انبن جي باغ مان هڪ اڌڙوٽ شخص جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.
پوليس لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس موجب لاش ڪنهن هندو شخص جو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، سڃاڻپ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.


