دادو ۾ ڪڻڪ جي غيرقانوني منتقلي ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون، 22 ٽرڪون تحويل ۾ ورتيون ويون

1 Min Read

دادو ( رپورٽ: الله بخش خشڪ )  خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا ڪڻڪ جي مبينا غيرقانوني منتقلي ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائين جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي.

اختيارين موجب، دادو انڊس هاءِ وي تي ڪارروائي دوران مٺي جي فوڊ انسپيڪٽر کان ٻن ٽرڪن ذريعي ڪڻڪ جي مبينا غيرقانوني منتقلي پڪڙي وئي، جنهن بعد ٻنهي ٽرڪن کي تحويل ۾ وٺي سرڪاري گودام منتقل ڪيو ويو.

ذريعن موجب، خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر حيدرآباد مبينا غيرقانوني منتقلي واري معاملي تي مٺي جي فوڊ انسپيڪٽر ڪرشن لعل کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف، جاري ڪارروائين دوران ميهڙ مان ڪڻڪ سان ڀريل 7 ٽرڪون، خيرپور ناٿن شاهه مان 2 ٽرڪون ۽ دادو مان 13 ٽرڪون هٿ ڪيون ويون.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر محمد علي شاهاني موجب، هيل تائين ضلعي جي سرڪاري خريداري مرڪزن تي 48 هزار 461 ڪڻڪ جون ٻوريون خريد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪارروائين دوران خانگي گودامن ۾ موجود 45 هزار 207 ڪڻڪ جون ٻوريون سيل ڪيون ويون آهن.

ضلعي انتظاميا ۽ خوراڪ کاتي اعلان ڪيو آهي ته ڪڻڪ جي غيرقانوني منتقلي، ذخيره اندوزي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي خلاف ڪارروائين جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment