تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته اردن جي الازرق فوجي بيس تي ميزائل حملن دوران آمريڪا جا 3 ايف-35 جنگي جهاز تباهه ڪيا ويا آهن.
ايراني سرڪاري خبر ايجنسي موجب، پاسداران انقلاب جي ايئرو اسپيس فورس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل رات ايران تي ڪيل حملن جي جواب ۾ اردن جي الازرق فوجي بيس کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو.
بيان موجب، ان حملي ۾ آمريڪا جا ٽي ايف-35 جنگي جهاز تباهه ٿيا، جڏهن ته ڪيترائي آمريڪي فوجي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ مارجي ويا.
پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته “اسان جي علائقي ۾ ٻارن کي قتل ڪندڙ فوج لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، ۽ خطي مان آخري آمريڪي فوجي جي نڪرڻ تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.”


