دادو (اي بي خشڪ) دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ ۾ 15 ڏينهن اڳ ڳوٺ مانڪاڻي ڀرسان 6 ورهين جي ٻار شاهجهان جو لاش هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس ٽن ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ راشد چانڊيو، گل چانڊيو ۽ آفاق چانڊيو شامل آهن، جن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.
پوليس موجب جوابدارن مبينا طور ٻار کي پٿر هڻي قتل ڪيو، پوءِ لاش ٻوري ۾ بند ڪري روڊ ڪناري کڏ ڀرسان اڇلائي ڇڏيو.
واقعي جو ڪيس مقتول ٻار جي والد ذيشان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.
ايف آءِ آر موجب فريادي الزام لڳايو آهي ته جوابدارن مقتول جي ڀاءُ شان تي غيرت جو الزام هڻندي اها واردات ڪئي.
ٿرڙي محبت پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


