آپريشن 11 گرج، ڪي پي ۾ ڪارروايون 10 دهشتگرد مارجي ويا، وڊيو پڻ جاري

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  سيڪيورٽي فورسز آپريشن “11 گرج” تحت خيبرپختونخوا جي ضلعن باجوڙ ۽ خيبر ۾ ڌار ڌار ڪاررواين دوران فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. جڏهن ته ڪاررواين جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي.

رپورٽن موجب باجوڙ جي علائقي شاڪرو ۾ مسجدن ۾ لڪل فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل 2 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته خيبر ضلعي جي علائقن دربي خيل ۽ بٽان ۾ وڌيڪ 8 دهشتگردن کي ماريو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب اهي ڪارروايون مصدقه ڳجهن اطلاعن (انٽيليجنس) جي بنياد تي ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد علائقي کي دهشتگرد عنصرن کان پاڪ ڪرڻ ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ آهي.

سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون.

جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي مختلف هنڌن تي موجود هٿياربند ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي ڪٿي وڻن جي اوٽ ۾ ۽ ڪٿي روڊ جي ڪناري موجود هئا.

وڊيو ۾ هڪ عمارت اندر موجود هٿياربند ماڻهن کي به ڌماڪي ذريعي نشانو بڻائڻ جا منظر شامل آهن، جڏهن ته آپريشن دوران هيليڪاپٽر پڻ فضائي نگراني ۽ سهڪار ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment