ملير: مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، ڊرائيور ۽ ڪلينر فوت، ڪيترائي زخمي

1 Min Read

ملير(شاهد ڇڄڙو)  لنڪ روڊ تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر سبب ڊرائيور ۽ ڪلينر فوت ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.

بلوچ ڪمپني ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪلينر فوت، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.

حادثي جو اطلاع ملڻ تي ميمڻ ڳوٺ پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ ڊرائيور پنھل ۽ ڪلينر ممتاز طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment