اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6:45 وڳي باهه لڳڻ سبب 15 ٻار فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب باهه ايئر ڪنڊيشن ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب لڳي.
اسپتال انتظاميا موجب باهه وقت نرسري ۾ 16 ٻار موجود هئا، جن مان هڪ کي بچايو ويو. ضلعي انتظاميا موجب حادثي ۾ 14 ٻار مڪمل طور سڙي ويا. امدادي ڪارروائين ۾ فائر بريگيڊ جون 6 گاڏيون ۽ 4 ايمبولينسون شامل رهيون.
باهه تي ضابطو آڻڻ بعد نرسري ۾ ڪولنگ جو عمل شروع ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب ٻارن جي فوتگين تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم واقعي جو نوٽيس وٺندي اختيارين کي فوري جاچ جون هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته واقعي جي سببن جو تفصيلي جائزو وٺي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ ذميوارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.


