اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت هٿياربند فوجن جي 9 آفيسرن کي سول سروس ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
جاري ڪيل تفصيل موجب 5 آفيسرن کي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس، 2 کي پوليس سروس ۽ 2 آفيسرن کي فارن سروس آف پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن موجب ٽنهي هٿياربند فوجن سان تعلق رکندڙ 9 اميدوار نفسياتي ۽ زباني امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنا ويا، جن کي مقابلي واري امتحان 2025ع جي بنياد تي سول سروس ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.


