آءِ ايم ايف پاڪستان بابت تفصيلي جائزو رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ قرض پروگرام جي نئين قسط جاري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي تفصيلي جائزي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ملڪي معيشت جي بهتري جو اعتراف ڪندي ٻاهرين خطرن کان خبردار ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، مالي سال 2026ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ معاشي سرگرميون تيز رهيون ۽ هلندڙ مالي سال جي آخر تائين ملڪي ترقي جي شرح (جي ڊي پي) 3.6 سيڪڙو، جڏهن ته مهنگائي جي سراسري شرح 7.2 سيڪڙو رهڻ جو اندازو آهي.
رپورٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي مانيٽري پاليسي جي تعريف ڪندي چيو ويو آهي ته ناڻي جا ذخيرا 16 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن ۽ اڳتي هلي اهي 17.5 ارب ڊالر تائين وڃي سگهن ٿا.
ٻئي طرف، آءِ ايم ايف وچ اوڀر جي جنگ کي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان عالمي سپلاءِ چين ۽ تيل جون قيمتون متاثر ٿيون، جنهن درآمدي بل وڌائي عوام جي قوتِ خريد تي اثر وڌو.
رپورٽ ۾ پاڪستان کي بزنس سيڪٽر ۾ مقابلي بازي وڌائڻ، فارن ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ سڌارا آڻڻ ۽ موسمي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاق توڙي صوبن ۾ بهتر رابطي قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment