آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان  تائين 39  مارڪون کڻندڙ اميدوارن جي توهينِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تي مقرر

1 Min Read

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33  کان 39 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن جي حقن بابت داخل توهينِ عدالت واري ڪيس ۾ ارجنسي فائل ڪئي وئي آهي.

ارجنسي جي درخواست کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 14 سيپٽمبر 2026 جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.

33  کان 39 تائين مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجن حقن ۽ ميرٽ لاءِ قانوني جدوجهد جاري رکندا.

اميدوارن پاران ”هڪ سنڌ، هڪ پاليسي“ جو مطالبو ڪندي ٻٽي پاليسي نامنظور ڪرڻ ۽ سمورن حقدار اميدوارن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

اميدوارن جو چوڻ آهي ته هو سنڌ هاءِ ڪورٽ مان انصاف جا منتظر آهن.

Share This Article
Leave a Comment