ٺارو شاهه ۾ نينگري بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

1 Min Read

ٺارو شاهه (ويب ڊيسڪ) ٺارو شاهه ڀرسان ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ ۾ 16 ورهين جي نينگري سوھانا لاڙڪ مبينا طور زهريليون گوريون کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
وارثن الزام هنيو آهي ته نينگري هڪ نوجوان جي مبينا بليڪ ميلنگ ۽ هراساني سبب ذهني پريشاني جو شڪار هئي.
پوليس الزام هيٺ آيل نوجوان حماد لاڙڪ کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس موجب موبائل فونن، سوشل ميڊيا رابطن ۽ ٻين امڪاني ثبوتن جو جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي واقعي جا اصل ڪارڻ سامهون اچي سگهندا.

Share This Article
Leave a Comment