نوشهروفيروز: معرڪه حق کي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

1 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ معرڪه حق، بنيان المرصوص جي ڪاميابيءَ کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي آءِ بي اي ڪاليج جي استادن، شاگردن ۽ ضلعي انتظاميا پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ هڪ پروقار تقريب ۽ ريلي منعقد ڪئي وئي.
ريلي جي اڳواڻي ڊي سي نوشهروفيروز ارسلان سليم، ايس ايس پي مير روحل خان کوسو ۽ پرنسپال طارق احمد نظاماڻي ڪئي، جنهن ۾ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي ايس ايس پي مير روحل خان کوسو ۽ ڊي سي ارسلان سليم چيو ته پاڪ فوج ڀارتي غرور کي خاڪ ۾ ملائي دنيا ۾ پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي.
ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستاني فوج دشمن جي اهم هنڌن کي نشانو بڻائي کين تاريخي شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ هاڻي دنيا پاڪستاني جنگي سامان ۽ جهازن ۾ خاص دلچسپي وٺي رهي آهي.
پرنسپال طارق نظاماڻي پڻ پاڪ فوج کي بهادر ۽ دلير قرار ڏيندي چيو ته قوم هميشه پنهنجي محافظن سان گڏ آهي.

Share This Article
Leave a Comment