اوٻاوڙو ( رپورٽ: علي رضا راجپوت ) اوٻاوڙو جي لانگهو واري علائقي ۾ عورت عاربان ملڪ جي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو موجب عورت جو موت حادثاتي نه هو، پر کيس مبينا طور غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو.
ڊي ايس پي موجب پوليس مک جوابدار ۽ مقتولا عورت جي مڙس عامر ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪيس جي جاچ دوران وڌيڪ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي مبينا طور نشو ڏئي بجلي جا ڪرنٽ ڏئي قتل ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
ڊي ايس پي عبدالقادر سومرو موجب عورت جي مڙس، سس، پيءُ ۽ ڏير مبينا طور گڏجي قتل جي منصوبابندي ڪئي. پوليس پاران ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڻ ڪارروايون جاري آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.


