انمول پنڪي جي گرفتاري وارو معاملو، مريم نواز رپورٽ طلب ڪري ورتي

1 Min Read

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور مان گرفتار مبينا منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي معاملي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب مريم نواز انمول پنڪي جي منشيات نيٽ ورڪ، ساٿين ۽ داخل ڪيسن بابت مڪمل تفصيل گهريا آهن.
ياد رهي ته 12 مئي تي ڪراچي پوليس منشيات جي وڏي نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي ڪندي انمول عرف پنڪي کي گرفتار ڪيو هو.
پوليس موجب عورت شاگردن، شاگردياڻين ۽ ڪجهه اهم شخصيتن تائين منشيات پهچائيندي هئي، جڏهن ته سپلاءِ لاءِ عورت رائيڊرز استعمال ڪيون وينديون هيون.

Share This Article
Leave a Comment