شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي نياڻي مهيمه تلريجا ايم ڊي ڪيٽ ۾ سنڌ سطح تي ٽاپ ڪري شاندار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. مهيمه جو چوڻ آهي ته نتيجو اچڻ تي سندس والدين تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ کين پنهنجي ڌيءَ تي فخر محسوس ٿيو.
مهيمه تلريجا چيو ته هي ڪاميابي سندس لاءِ خوشي سان گڏ وڏي ذميواري به آهي ۽ هوءَ مستقبل ۾ ڊاڪٽر بڻجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي. سندس چوڻ هو ته هن روزانو 12 کان 13 ڪلاڪ پڙهائي ڪئي ۽ ڊسيپلين، مستقل مزاجي ۽ محنت کي ڪاميابي جو بنيادي سبب سمجهي ٿي.
هن ٻڌايو ته ايم ڊي ڪيٽ جي تياري دوران ڪنهن به مضمون کي ڏکيو نه سمجهيو ۽ سڀني مضمونن کي برابر وقت ڏنو. سندس چوڻ هو ته هن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۽ ليڪچرز تي ڌيان ڏنو، ايم سي ڪيوز جي ڀرپور مشق ڪئي ۽ هڪ اڪيڊمي پڻ جوائن ڪئي.
مهيمه چيو ته جڏهن هن ٽيسٽ ڏني ته تقريبن هر قسم جي ايم سي ڪيو جي اڳواٽ مشق ٿيل هئي، جنهن سبب کيس امتحان دوران اعتماد رهيو ۽ ڪنهن خاص دٻاءَ کي منهن نه ڏيڻو پيو.
هن شاگردن کي صلاح ڏني ته ڪاميابي لاءِ محنت سان گڏ ڊسيپلين، مستقل مزاجي، صحيح رهنمائي ۽ سٺي مينٽور جي چونڊ به ضروري آهي.


