Focus with Zardari

بدين ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ واڪ ڪندڙ شخص کي چيڀاٽي ڇڏيو، فوت

0 Min Read

بدين (رپورٽر) بدين-گولاڙچي-ڪراچي روڊ تي واڪ ڪندڙ گولاڙچي واسي 50 ورهين جو شوڪت علي آرائين تيز رفتار اي سي ڪوچ جي ٽڪر ۾ چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو.

حادثي کانپوءِ فوتي جو لاش تعلقي اسپتال گولاڙچي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوچ ڊرائيور گاڏي سميت موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment