راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي استحڪام، ڪشمير مسئلو، سنڌ طاس معاهدو ۽ افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملاقات دوران ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد روڪڻ ۽ افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي جا معاملا به غور هيٺ آيا.
آرمي چيف عالمي امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجاگر ڪيو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دهشتگردي خلاف جنگ ۽ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي خدمتن ۽ قربانين کي ساراهيو.
انتونيو گوتريس عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم کي ساراهيندي علائقائي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي پڻ تعريف ڪئي.


