ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت گاني جي تڪراري ٻولن واري ڪيس ۾ معافي وٺندي چيو آهي ته هو قبائلي برادري سان تعلق رکندڙ 50 نياڻين جي تعليم جا خرچ برداشت ڪندو.
سنجي دت پنهنجي گاني ”سرڪي چنري تيري سرڪي“ ۾ مبينا فحاشي ۽ نامناسب مواد بابت جاري ڪيل سمن جي تعميل ڪندي اڄ نيشنل ڪميشن فار وومن آڏو پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران سنجي دت موقف اختيار ڪيو ته کيس گاني جي ٻولن، ترجمي ۽ فائنل ايڊيٽنگ بابت اڳواٽ ڪا به ڄاڻ يا اختيار حاصل نه هو. سندس ڪردار صرف هڪ اداڪار طور معاهدي تحت ڪم ڪرڻ تائين محدود هو.
هن ڪميشن آڏو پنهنجي غلطي تي معافي ورتي ۽ عورتن جي عزت ۽ سماجي قدرن جي احترام جو اظهار ڪيو.
سنجي دت واعدو ڪيو ته هو ايندڙ تعليمي سال لاءِ مهاراشٽر جي شهر ناگپور ۾ قبائلي برادري جي 50 نياڻين جي تعليم جا سمورا خرچ پاڻ ڀريندو.
هن يقين ڏياريو ته ان واعدي تي عملدرآمد جي رپورٽ ٽن مهينن اندر ڪميشن کي پيش ڪئي ويندي.


