بڊاڻي (ويب ڊيسڪ) بڊاڻي جي ڪچي واري علائقي گبلو ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ هٿياربند جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا موقعي تي ئي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا آهن.
ذريعن موجب، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.
فائرنگ ۾ ميهار بنگوار، غلام فريد بنگوار ۽ هڪ عورت موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ڪچي جي علائقي ۾ پهچي وئي ۽ صورتحال کي ڪنٽرول ۾ وٺندي مقتولن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا.
پوليس پاران اسپتال ۾ قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
لاش گهر پهچڻ تي مقتولن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ جي فضا قائم ٿي وئي آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جڏهن ته علائقي واسين موجب هن وقت به ٻنهي ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف و حراس وارو ماحول ڇانيل آهي.

بڊاڻي ويجهو بنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، عورت سميت 3 ڄڻا قتل
Leave a Comment Leave a Comment

