اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نامياري اداڪارا مومنا اقبال کي مبينا طور هراساں ڪرڻ واري ڪيس ۾ نوان ۽ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ثاقب چڍڙ تي الزام لڳايا ويا آهن.
لاهور ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي آفيس ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مومنا اقبال جي وڪيلن عدنان احسان ۽ رمشا اقبال دعويٰ ڪئي ته ادڪارا ۽ ليگي ايم پي اي وچ ۾ 2022 ۽ 2023 دوران لاڳاپا رهيا هئا ۽ ثاقب چڍڙ ادڪارا سان شادي جو خواهشمند هو. پر جڏهن مومنا اقبال کي خبر پئي ته ايم پي اي اڳ ئي شادي شده آهي ته هن اخلاقي بنيادن تي ساڻس رابطا ختم ڪري ڇڏيا.
وڪيلن موجب، معاملو ان وقت وڌيڪ ڳنڀير ٿيو جڏهن ادڪارا جي شادي ٻئي هنڌ طئي ٿي، جنهن کانپوءِ ليگي ايم پي اي سياسي اثر استعمال ڪندي ادڪارا جي مڱيندي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ۽ کيس هراساں ڪرڻ شروع ڪيو.
قانوني ٽيم جو چوڻ آهي ته هراسگي ۽ بليڪ ميلنگ جا سمورا ڊيجيٽل ثبوت جاچ اختيارين حوالي ڪيا ويا آهن ۽ معاملي جو نوٽيس وٺڻ تي وزيراعليٰ مريم نواز جا ٿورائتا آهيون.
وڪيلن واضح ڪيو ته دٻاءُ جي باوجود ادڪارا جي شادي طئي ٿيل تاريخ پهرين جون تي ئي ٿيندي.

اداڪارا مومنا اقبال جا ن ليگي ايم پي اي سان لاڳاپا هئا؟
Leave a Comment Leave a Comment

