جيڪب آباد (رپورٽر) 15 ڏينهن اڳ طفيل شاهه جي گهر مان 1 ڪروڙ 46 لک رپين جي ڌاڙي واري ڪيس ۾ پوليس هڪ جوابدار رحمت الله جکراڻي کي گرفتار ڪري 50 لک رپيا هٿ ڪري ورتا آهن.
ايس ايس پي فيضان علي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڌاڙي جو ڪيس هڪ نامزد ۽ 5 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو. پوليس ڪارروائي ڪندي رحمت الله جکراڻي کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته باقي 5 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا جاري آهن.


