خيرپور (شڪيل جانوري) خيرپور ۾ پيرسن بيوه عورت جي ڳئون تي تشدد ڪري ان جون ڄنگهون ڀڃڻ واري واقعي جو پوليس سرڪاري فرياد ۾ ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٽن ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن.
ايس ايس پي خيرپور موجب واقعي جو نوٽيس وٺندي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس ذريعن موجب اي ايس آءِ ميانداد جي فرياد تي سوراهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ سڪندر ٽالپر، صفدر ٽالپر، رضوان عرف رضا ۽ غلام جعفر عرف ڪالو ٽالپر کي نامزد ڪيو ويو آهي.
پوليس ڪارروائي دوران غلام جعفر عرف ڪالو ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته باقي ٽن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.
علائقي واسين پوليس جي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته جانورن تي ظلم ڪندڙن خلاف سخت قانوني قدم کنيا وڃن.
پوليس جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ به اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت ڪارروائي جاري رکي ويندي ۽ جانورن سان ظلم ڪندڙن کي قانون موجب سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.


