جنگ نٿا چاهيون پر خودمختياري تي سوديبازي نه ڪنداسين: ايراني صدر

3 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ )  ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته جنگ ايران جي مفاد ۾ ناهي، پر ڌمڪين ذريعي ايران کي جهڪائڻ ممڪن ناهي، دشمن جو اهو خواب آهي ته ايران پرڏيهي جارحيت آڏو هٿيار ڦٽا ڪري، جيڪو ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.

تهران ۾ آيت الله خميني جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ايراني صدر چيو ته ايران جنگ نٿو چاهي ۽ ڊگهي جنگ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، پر جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته ملڪ هرگز هٿيار نه ڦٽائيندو. هن چيو ته ايران پنهنجي خودمختياري ۽ قومي وقار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪندو.

ايراني صدر چيو ته موجوده غيريقيني صورتحال، جنهن ۾ نه مڪمل جنگ آهي ۽ نه ئي جٽادار امن، ان مان نڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت قومي خودمختياري برقرار رکندي سفارتي تعطل ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

مسعود پزشڪيان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جارحيت جو رستو اختيار ڪندي ته ايران هرگز پوئتي نه هٽندو. سندس چوڻ هو ته دشمن جي اها خواهش ته ايران دٻاءَ آڏو جهڪي پوندو، رڳو هڪ خواب آهي. هن قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته دشمن ايران جي اندر ورهاست پيدا ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، پر اهو منصوبو ڪامياب نه ٿيندو.

هن چيو ته خطي جي عرب ملڪن کي ايران خلاف متحد ڪرڻ جو دشمن جو منصوبو پڻ ناڪام ثابت ٿيو آهي ۽ ايراني قيادت جي دانشمندانه سفارتڪاري سبب اها حڪمت عملي ڪامياب نه ٿي سگهي.

ايراني صدر چيو ته ڪنهن به ملڪ کي جهازن ۽ بمباري ذريعي سرينڊر ڪرڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي. هن غزه جو حوالو ڏيندي چيو ته ٽن سالن جي جنگ باوجود غزه کي به سرينڊر ڪرڻ تي مجبور نه ڪري سگهيا آهن، پوءِ ايران کان اهڙي اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي.

سندس چوڻ هو ته آيت الله خميني حڪومت کي ڳالهين جو عمل اڳتي وڌائڻ جي واضح اجازت ڏني هئي ۽ هدايت ڪئي هئي ته سفارتي ذريعن سان مسئلي جو حل ڳوليو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment