جيڪب آباد (حاڪم علي) جيڪب آباد جي ميرانپور ٿاڻي جي حد بيگاري پل ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان بليدي زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ وارثن لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو.
وارثن جو چوڻ آهي ته بيگاري پل وٽ ٿيل مبينا پوليس مقابلي ۾ علي حيدر بليدي ۽ بخشل بليدي زخمي ٿي پيا، جن مان علي حيدر علاج دوران فوت ٿي ويو، جڏهن ته بخشل بليدي زخمي حالت ۾ علاج هيٺ آهي.
احتجاج ڪندڙ وارثن الزام هنيو آهي ته سندن نوجوان کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آهي.
وارثن آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو کان مطالبو ڪيو آهي ته مبينا ڪوڙي پوليس مقابلي جو فوري نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.


