ڪراچي: ضلعي سينٽرل پوليس ايف سي ايريا رئيس امروهوي ڪالوني ۾ 3 ورهين جي نينگري فروا جي فوت ٿيڻ واري ڪيس کي ٽريس ڪري حقيقت سامهون آڻي ڇڏي.
پوليس موجب، شروعاتي طور نينگري جي پيءُ محمد رحمان دعويٰ ڪئي هئي ته ڦر دوران مزاحمت وقت ڏوهارين جي فائرنگ سبب سندس ڌيءَ کي گولي لڳي، پر جاچ دوران اها دعويٰ غلط ثابت ٿي.
ايس ايس پي سينٽر ڊاڪٽر محمد عمران خان جو چوڻ آهي ته جوابدار واقعي واري هنڌ جي درست نشاندهي نه ڪئي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان نه رت جا نشان مليا ۽ نه ئي گولين جا خول هٿ آيا، جوابدار نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانسواءِ عباسي شهيد اسپتال مان کڻي هليو ويو.
شروعاتي جاچ دوران وارثن جي بيانن ۾ به واضح تضاد مليو، جنهن بعد شريف آباد پوليس جاچ شروع ڪئي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جاچ مان انڪشاف ٿيو ته نينگري فروا کي حادثاتي طور سندس پيءُ محمد رحمان جي هٿان گولي لڳي.
پوليس موجب، جوابدار پنهنجي رائفل صاف ڪري رهيو هو ته اوچتو گولي هلي وئي، جنهن سبب نينگري فوت ٿي وئي.


