Focus with Zardari
اهم خبرون

قمبر: رولو ڪتن جو آزار، هڪ مهيني دوران 170 کان وڌيڪ شهري ڏاڙهجي ويا

1 Min Read

قمبر (رپورٽ: بابر ميمڻ) ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ رولو ڪتن جي وڌندڙ انگ ۽ ڏاڙهڻ جي واقعن سبب شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي.

ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قمبر جي انتظاميا موجب، هڪ مهيني دوران ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 170 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ ٻارڙن سميت ڪيترائي شهري متاثر ٿيا آهن. ڪتن جي ڏاڙهڻ جو شڪار ٿيل ماڻهو ويڪسين لڳرائڻ لاءِ اسپتال پهتا، جتي سمورن رپورٽ ٿيل متاثر مريضن کي ويڪسين فراهم ڪئي وئي.

شهرين جو چوڻ آهي ته ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن ۾ مسلسل واڌ باوجود رولو ڪتن جي خاتمي لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نظر نٿا اچن، جنهن سبب والدين ٻارن جي حفاظت بابت پريشان آهن.

شهرين لاڳاپيل انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي بنيادن تي رولو ڪتن جي خاتمي لاءِ مهم شروع ڪري، ڏاڙهڻ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment