سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ ڀرياسٽي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جي ريلي

2 Min Read

نوشهروفيروز  ( رپورٽ: عادل عباسي )  بلوچستان جي علائقي خضدار مان اغوا ٿيل سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي  جي ڪارڪنن پاران ڀرياسٽي ۾ احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاجي ريلي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جهنڊا کڻي سخت نعريبازي ڪئي.

مظاهري جي اڳواڻي ايس ٽي پي شھيد بينظير آباد جي جنرل سيڪريٽري ۽ ضلعي صدر علي اصغر ڀرٽ، ضلعي اڳواڻ ضمير سهتو، محسن قريشي، ڪاشف ميمڻ ۽ سنڌ ميمڻ اتحاد جي نواب ميمڻ ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ جي ڀاءُ، اڳوڻي رٽائرڊ ايڪسائيز ڊائريڪٽر سعيد ميمڻ کي 17 مئي تي بلوچستان جي علائقي خضدار مان هٿياربندن اغوا ڪيو هو، پر 19 ڏينهن گذرڻ باوجود هو بازياب نه ٿي سگهيو آهي.

هنن چيو ته سعيد ميمڻ جي اغوا سبب سندس گهر ڀاتين ۾ سخت بيچيني ۽ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن هن وقت تائين سندس بازيابي لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا آهن.

مظاهرين سنڌ حڪومت، بلوچستان حڪومت، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سعيد ميمڻ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌائيندا.

مظاهري جي پڄاڻي تي اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سعيد ميمڻ جي جلد بازيابي يقيني نه بڻائي وئي ته احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment