حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) قاسم آباد ۾ 14 ورهين جي نينگري سان مبينا اجتماعي زيادتي جو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن جو قاسم آباد ٿاڻي تي ٻن جوابدارن عدنان ٿيٻو ۽ نعمان سومرو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
فريادي محمد راهب سولنگي پنهنجي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس ڌيءَ پنهنجي چاچي سان گڏ گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي. هڪ ڏينهن نينگري ڪم تي وئي، پر سندس چاچي واپس موٽي آئي ۽ نينگري گهر نه پهتي.
فريادي موجب پڇا ڳاڇا دوران معلوم ٿيو ته نعمان سومرو نالي نوجوان نينگريءَ کي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ڪم ڏيارڻ جي بهاني وٺي ويو هو، جتي هن پنهنجي دوست عدنان ٿيٻو سان گڏجي مبينا طور نينگريءَ سان زيادتي ڪئي.
فريادي جو چوڻ آهي ته گهر پهچڻ تي نينگري بيهوشيءَ واري حالت ۾ بيڊ تي پيل هئي، جنهن هوش ۾ اچڻ بعد کيس واقعي بابت ٻڌايو.
وارثن نينگري کي ميڊيڪل ليٽر وٺڻ بعد علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس ڪيس داخل ڪري نامزد جوابدارن جي ڳولا ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


