حيدرآباد (رپورٽ: راحبہ خان) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي انتظامي سرڪيولر جاري ڪري سمورن عدالتي ملازمن، عدالتي آفيسرن ۽ وڪيلن کي پنهنجين ذاتي گاڏين تان غير مجاز شيون هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سرڪيولر موجب لاڳاپيل ماڻهن کي 7 ڏينهن اندر سائي رنگ جون نمبر پليٽون، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا مونوگرام ۽ سرڪاري نشان، لوگو، اسٽيڪر، خاص پليٽون، بيج، جهنڊا، نيريون ۽ ڦرندڙ بتيون، فليش لائيٽون ۽ عهدي کي ظاهر ڪندڙ بورڊ هٽائڻا پوندا.
سرڪيولر ۾ جعلي سرڪاري يا اپلائيڊ فار رجسٽريشن نمبر پليٽون، لڪايل نمبر پليٽون ۽ ٻيا غير مجاز نشان ۽ اوزار استعمال ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. هاءِ ڪورٽ موجب اهڙيون شيون سيڪيورٽي لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ سان گڏ سرڪاري اختيار يا خاص مراعت حاصل هجڻ جو غلط تاثر ڏين ٿيون.
سرڪيولر موجب سنڌ ليگل پريڪٽيشنرز اينڊ بار ڪائونسل جي لاڳاپيل رول جي دائري ۾ ايندڙ گاڏيون پابندي کان آجيون هونديون. هدايتن تي عمل نه ڪندڙ گاڏين کي سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽس ۽ صوبي جي سمورن ضلعي توڙي سيشن ڪورٽن جي احاطن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويندو، جڏهن ته مالڪن خلاف پوليس ذريعي قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي.


