حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) حيدرآباد جي جي او آر ٿاڻي جي حد ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار 2 ٻارڙا فوت ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو. فوت ٿيل ٻارڙن ۾ رايان پٽ عاشق حسين چانڊيو ۽ فهم پٽ سليم چانڊيو شامل آهن، جڏهن ته زخمي ٻار جي سڃاڻپ آذان پٽ محمد شفيع چانڊيو طور ٿي آهي. ٽنهي ٻارڙن جي عمر 10 کان 13 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي.
اطلاعن موجب ٽئي ٻارڙا موٽرسائيڪل تي سوار هئا، جيڪا هڪ ٻار هلائي رهيو هو ته ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو ۽ ٻارڙن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ سخت زخمي ٿي پيو.
فوتين ۽ زخمي ٻار کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي فوتي ٻارڙن جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا. واقعي کانپوءِ وارث به اسپتال پهچي ويا، جتي گهرڀاتين جي روڄ راڙي سبب ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا.
ٻئي طرف جي او آر پوليس موجب حادثي ۾ ملوث ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ ورتي وئي آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


