ڊکڻ (رپورٽر) شڪارپور ويجهو ڊکڻ شهر ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن رڪشا ۾ ويٺل نوجوان تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي سڃاڻپ ڳوٺ جاڙي حجم واسي سعيد منگي ولد اياز منگي طور ٿي آهي.
واقعي کانپوءِ پوليس پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


