حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي

1 Min Read

اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 5 پئسا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 370 رپيا 80 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 37 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 398 رپيا 4 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 11 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون.

Share This Article
Leave a Comment