تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن باوجود بيلسٽڪ ميزائلن جي تياري ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
انٽيليجنس معلومات موجب ايران وٽ اڳ ۾ موجود ميزائلن جا پرزا استعمال ڪندي زمين اندر تنصيبات ۾ ميزائل اسمبل ڪري رهيو آهي.
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب ايران مختلف قسمن جا ميزائل تيار ڪري رهيو آهي، جن ۾ مائع ٻارڻ وارا بيلسٽڪ ميزائل پڻ شامل آهن، جن کي فائر ڪرڻ کان اڳ ٻارڻ فراهم ڪرڻو پوندو آهي. ان سان گڏ ٺوس ٻارڻ وارن ميزائلن جي تياري به جاري آهي، جن کي اڳواٽ تيار حالت ۾ محفوظ ڪري سگهجي ٿو.
رپورٽ موجب ميزائلن جي تياري هن وقت محدود سطح تي آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب ميزائلن جا پرزا تيار ڪندڙ ڪيترائي صنعتي مرڪز متاثر ٿيا آهن.
تنهن هوندي به ايران جنگ کان اڳ وڏي تعداد ۾ وار هيڊز، ميزائل باڊيز ۽ گائيڊنس ۽ ڪنٽرول سسٽمز محفوظ ڪري رکيا هئا، جن کي هاڻي نئين ميزائلن جي تياري ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايران پنهنجي زمين اندر ميزائل لڳائڻ کي ٻيهر فعال ڪرڻ سان گڏ نيون زمين اندر اسمبلي سائيٽس پڻ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ته جيئن مستقبل ۾ انهن کي هوائي حملن کان محفوظ رکي سگهجي.


