خبردار متان گهر جو ڀاڙو مهانگو ڪيو اٿئو، نئون قانون لاڳو

1 Min Read

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) ابوظهبي ۾ گهرن ۽ ڪمرشل جڳهن جي ڀاڙن ۾ واڌ تي عارضي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

 خليجي ميڊيا موجب اختيارين اعلان ڪيو آهي ته نون توڙي تجديد ٿيل ڪرائي نامن ۾ به ڪرائي وڌائڻ جي اجازت نه هوندي ۽ مالڪن کي موجوده ڪرائي کان وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

اختيارين موجب اهو فيصلو فوري طور لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ حڪم تائين گهرن ۽ ڪاروباري جڳهن جي ڪرائين ۾ واڌ معطل رهندي.

رپورٽن موجب 2021ع ۾ ڪورونا وبا دوران به ابو ظهبي ۾ ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنين جا ڪرائي منجمد ڪيا ويا هئا، جنهن جو مقصد ڪاروباري ادارن کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ معيشت کي سهارو ڏيڻ هو.

Share This Article
Leave a Comment