رات دير تائين جاڳندڙ هوشيار

2 Min Read

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ ٿيل مختلف طبي تحقيقن مان معلوم ٿيو آهي ته رات دير تائين جاڳڻ ۽ صبح دير سان اٿڻ وارن ماڻهن ۾ ڊپريشن، پريشاني ۽ اڪيلائپ جي احساس جو خطرو صبح سوير اٿندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.

برمنگهم ينگ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق موجب رات دير تائين جاڳندڙ ماڻهن ۾ انزائٽي جي سطح نمايان طور تي وڌيڪ ڏٺي وئي، جڏهن ته رات جي وقت اڪيلائپ جو احساس به انهن جي ذهني صحت تي منفي اثر وجهي ٿو. تحقيق ۾ 442 ماڻهن جي ننڊ جي عادتن جو جائزو ورتو ويو.

محققن جو چوڻ آهي ته رات دير تائين جاڳندڙ ماڻهو سماجي طور گهٽ ملنسار هوندا آهن ۽ اڪثر ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئلن جي شڪايت ڪندا آهن. انهن موجب اڪيلائپ کي گهٽائڻ سان انزائٽي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

ان کان اڳ مارچ 2025ع ۾  پولس ون ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ به ٻڌايو ويو هو ته رات دير تائين جاڳندڙ يونيورسٽي شاگردن ۾ ڊپريشن جون علامتون وڌيڪ ڏٺيون ويون. تحقيق موجب ناقص ننڊ، غير صحتمند خوراڪ ۽ منفي سوچن جي گهڻائي ان جا اهم سبب ٿي سگهن ٿا.

ساڳئي طرح جون 2024ع ۾ اسٽين فورڊ جي تحقيق ۾ لڳ ڀڳ 74 هزار وچولي عمر وارن ماڻهن جو جائزو ورتو ويو.

نتيجن مان ظاهر ٿيو ته رات دير تائين جاڳندڙ ماڻهن ۾ ڊپريشن يا انزائٽي جي تشخيص جو خطرو صبح سوير اٿندڙ ماڻهن جي مقابلي ۾ 20 کان 40 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي، ڀلي هو 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ئي ڇو نه ڪن.

محققن موجب رات جو جلدي سمهڻ ۽ صبح سوير اٿڻ واري عادت دماغي صحت لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، جڏهن ته دير تائين جاڳڻ ذهني ۽ روين سان لاڳاپيل بيمارين جو خطرو وڌائي سگهي ٿو. ممڪن آهي ته اهڙي طرز زندگي سان تمباڪو نوشي، گهڻو کائڻ ۽ ٻيون غير صحتمند عادتون به وڌن، جيڪي جسم سان گڏ دماغ کي به متاثر ڪن ٿيون.

Share This Article
Leave a Comment