خيرپور (شڪيل جانوري) محمود چنا ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي جواڻ ڪلهوڙو ۾ زرعي زمين تان موٽر چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڀاڳين ۽ چورن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
مليل اطلاعن موجب، چور زرعي زمين تان موٽر چوري ڪري رهيا هئا ته ڀاڳين کين ڏسي ورتو، جنهن بعد ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ حاڪم ڪلهوڙو طور ڪئي وئي آهي.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي محمود چنہ پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي.


