Focus with Zardari
اهم خبرون

دادو: سنڌ وائيس جي خبر تي ايڪشن، صحت کاتي جي ٽيم ڳوٺ غلام حيدر ٻرڙو پهچي وئي، 10 بيمار ٻارن جي چڪاس شروع

1 Min Read

دادو (رپورٽ: الله بخش خشڪ) سنڌ وائيس جي نشاندهي تي ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه جي هدايتن تي صحت کاتي جي ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ غلام حيدر ٻرڙو پهچي وئي، جتي ٻن ٻارن جي پراسرار فوتگين ۽ 10 بيمار ٻارن جي معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر عبدالحميد کونھارو موجب، شروعاتي جاچ ۾ ٻارن جي فوتگيءَ جو سبب فوڊ پوائزننگ سامهون آيو آهي، جڏهن ته ڳوٺ ۾ ٻين بيمار ٻارن جو پڻ طبي معائنو ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ وائيس تي خبر نشر ڪئي وئي هئي ته دادو ويجهو ڳوٺ غلام حيدر برڙو ۾ پراسرار بيماري سبب پورهيت جا ٻه ٻار فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻار بيمار آهن. خبر کانپوءِ صحت کاتي جي ٽيم ڳوٺ پهچي جاچ ۽ علاج جون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

Share This Article
Leave a Comment