ڪراچي: ڪراچيءَ جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ ڀاءُ جي مبينا فائرنگ ۾ ٻه سڳيون ڀينرون قتل ٿي ويون. پوليس موجب جوابدار رحيم عرف ڌاڪو فائرنگ ڪري 25 ورهين جي ثوبيه ۽ 20 ورهين جي حرا کي قتل ڪيو.
ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين موجب شروعاتي ڄاڻ مطابق واقعو ذاتي رنجش ۽ گهريلو جهيڙي سبب پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڀينرن پاران طعنا ڏيڻ تي جوابدار ڪاوڙجي پيو ۽ فائرنگ ڪري ڏنائين. واقعي واري هنڌ تان گولين جا پنج خول پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب جوابدار جي والد جو پنج ڏينهن اڳ لاڏاڻو ٿيو هو، جڏهن ته گذريل ڏينهن سندس گهر پٽ جي پيدائش ٿي، جيڪو پوءِ فوت ٿي ويو. ان کان علاوه، گذريل رات جوابدار پنهنجي گهرواريءَ کي به طلاق ڏئي ڇڏي هئي. واقعي واري صبح جوابدار جي ماءُ کي پڻ دل جو دورو پيو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار هو ۽ سندس اڳوڻو ڏوهاري رڪارڊ پڻ موجود آهي. هو ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي.
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي جا سمورا سبب ۽ ٻيا تفصيل جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون اچي سگهندا.


