ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير خوراڪ جي سيڪريٽري سيف علي شاهه، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان خلاف اين سي سي آءِ اي سان رابطو ڪري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ميڊيا تي لڳايل الزامن جي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
سيف علي شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس خلاف لڳايل الزام ڪوڙا، بي بنياد ۽ بدنام ڪندڙ آهن، جڏهن ته ميڊيا تي انهن الزامن جي نشريات سبب سندس ساک متاثر ٿي آهي.
درخواست ۾ لاڳاپيل ميڊيا بيانن ۽ پيش ڪيل ثبوتن جي جاچ ڪري قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف سيف علي شاهه، مخدوم سعيد الزمان کي قانوني نوٽيس پڻ موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ الزامن بابت لکت ۾ جواب ڏيڻ ۽ ثبوت پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ جواب ۽ ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.


