نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ حاجي جوايو سيال مان 2 ڏينهن اڳ شادي شده عورت شمائلا ڌيءَ عبدالواحد سيال ۽ سندس 3 ورهين جي نياڻي سميراءَ جي مبينا اغوا خلاف وارثن احتجاج ڪيو.
وارثن پوليس ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عورت ۽ معصوم نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرائي،
واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.


