اسلام آباد (نيوز ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هن وقت دنيا ۾ چمڪي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت جي حصي ۾ ناڪامي ۽ بدنامي کانسواءِ ڪجهه به ناهي آيو.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته سفارتي ۽ عسڪري سطح تي پاڪستان جو دنيا ۾ هڪ خاص مقام آهي ۽ عالمي برادري پاڪستان سان لاڳاپن تي فخر محسوس ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جي مشرقي سرحد جي ٻئي پار صرف اڪيلائي، ناڪامي ۽ اونداهي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ڀارت ڪڏهن به مذمت ناهي ڪئي. اسان ڪلڀوشن ياديو کي دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ تي رنگي هٿين گرفتار ڪيو.
حق جي جنگ ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ پاڪستان دنيا ۾ امن جي علامت بڻجي اڀريو آهي. اها جنگ نه صرف سرحد تي پر سفارتي محاذ تي به ڪاميابيءَ سان وڙهي وئي.
پهلگام واقعي تي ڳالهائيندي عطا تارڙ جو چوڻ هو ته جڏهن ڀارت کان پهلگام واقعي جا ثبوت گهريا ويا ته سندن وٽ خاموشي کانسواءِ ڪجهه به نه هو. ڀارت دهشتگردي کي هٿي ڏئي ٿو، جڏهن ته پاڪستان ان جو مقابلو ڪري رهيو آهي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اي پي ايس هجي يا جعفر ايڪسپريس واقعو، پاڪستان جو هر طبقو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏئي رهيو آهي.
عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور هميشه علائقائي امن جي ڳالهه ڪئي آهي، پر ٻي پاسي هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جو ڪڏهن کلبھوشن ته ڪڏهن اڀي نندن پڪڙيو وڃي ٿو.