اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي واضح ڪيو آهي ته افغانستان سان ڪنهن به قسم جي عارضي جنگ بندي ناهي ٿي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، عيد جي موقعي تي صرف 3 ڏينهن جو وقفو هو جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، ان ڪري موجوده صورتحال کي جنگ بندي قرار ڏيڻ درست ناهي.
ترجمان موجب پاڪ-افغان سرحد جي صورتحال تي برطانوي موقف زميني حقيقتن جي عڪاسي نٿو ڪري. افغانستان جي طرفان سرحد پار دهشتگردي ۽ مداخلت جون ڪوششون مسلسل جاري آهن.
ياد رهي ته مارچ ۾ پاڪستان جي جنگ بندي واري اقدام جي باوجود افغانستان مان حملا جاري رهيا.
ترجمان موجب افغان طالبان پاران بلااشتعال فائرنگ ۽ دهشتگرد ڪاررواين ۾ 52 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 84 زخمي ٿيا آهن، افغانستان پاران شهري مارجڻ جا الزام بي بنياد ۽ غير تصديق ٿيل آهن.
هن چيو ته پاڪستاني فورسز افغانستان مان مداخلت جون ڪيتريون ئي ڪوششون ناڪام بڻايون آهن.
پرڏيهي ترجمان موجب دهشتگردي جي اصل سببن کي نظرانداز ڪرڻ هڪ غير متوازن موقف آهي؛ عالمي برادري علائقائي صورتحال ۽ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪري.