ڄامشورو: (باسط ملاح) لاکڙا ڪول مائنز ۾ رائلٽي ٽيڪس ۾ واڌ خلاف ٽرانسپورٽرن جو احتجاج ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جنهن سبب ڪوئلي جي لوڊنگ مڪمل طور بند رهي ۽ هزارين ٽرڪون مختلف ڪول مائنز ٻاهران بيهجي ويون.
احتجاج سبب لاکڙا مان ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن ڪوئلي جي فراهمي به سخت متاثر ٿي آهي. ٽرانسپورٽرن چيو ته في ٽن 300 رپيا وڌايل رائلٽي ٽيڪس برداشت ناهي، ان کي فوري طور واپس وٺي پراڻو ٽيڪس بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪوئلي جي لوڊنگ اڻ اعلانيل مدي تائين بند رکڻ جو سلسلو جاري رهندو.


