واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لڳاتار ٻن هفتن تائين ايران تي روزاني حملن کانپوءِ آمريڪي فوج کي في الحال نوان حملا نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب اهو فيصلو ايران سان ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۽ سفارتڪاري کي موقعو ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب آمريڪي فوج کي ضرورت پوڻ تي فوري ڪارروائي لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته صدر ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڳالهيون جاري آهن ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته حملا ٻيهر به شروع ڪري سگهجن ٿا.
هوڏانهن عمان جو هڪ وفد هرمز لنگهه بابت ڳالهين لاءِ تهران پهتو آهي، جتي ڳالهين ۾ اڳڀرائي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته ايران خلاف سامونڊي ناڪابندي برقرار آهي ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪيترن واپاري جهازن کي روڪيو يا واپس موٽايو ويو آهي.


